ڏياري ديوالي

ڏياري ديوالي

ڏياري  ديوالي

ڏياري ديوالي

ڏياري ديوالي

ڏياري/ ديوالي: ڏياريءَ کي ديوالي ۽ ديپاولي به چوندا آهن. هي هندو ڌرم وارن جو وڏي ۾ وڏو مذهبي تهوار آهي، جنهن کي هنديءَ ۾ ’ديوالي‘، ’ديپاولي‘ ۽ سنڌيءَ ۾ ’ڏياري‘ چوندا آهن. ڏياريءَ جو ڏڻ هر سال آڪٽوبر/ نومبر مهيني دوران وڪرمي سال جي ڪارتڪ مهيني جي اُماس تِٿ تي سڄيءَ دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي. هن تهوار بابت ڪٿا مشهور آهي ته تريتا يُگ ۾ ايوڌيا نگريءَ جي راجا دسرت جي دئيتن ۽ راڪشسن سان جنگ دوران، رٿ جي هڪ ڪِلِي ڀَڄِي پئي ته اُن ٿيل سوراخ ۾ راجا دسرت جي پتني ڪيڪئيءَ پنهنجي آڱر وجهي، پنهنجي پتيءَ جي مدد ڪئي. جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ جڏهن راجا دسرت کي اُن ڳالهه جو پَتو پيو ته هُن ڪيڪئيءَ سان ڪي به ٻه وچن پاڙڻ جو واعدو ڪيو، پر ڪيڪئيءَ اُهي ٻئي وچن ضرورت ويل وٺڻ جو چئي امانت طور راجا وٽ رکيا. ڪافي عرصي کان پوءِ راجا دسرت ٻُڍاپڻ سبب ايوڌيا نگريءَ جو تخت پنهنجي موڀي پُٽ شري رامچندر (ڀڳوان جي ستين نمبر اوتار) جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اها خبر جڏهن ڪيڪئيءَ ٻُڌي، ته هُن راجا کان امانت طور رکيل ٻئي وچن پاڙڻ جو چيو:
(1) ”ايوڌيا نگريءَ جو تخت شري رامچندر بجاءِ سندس (ڪيڪئيءَ جي) پُٽ ڀرت حوالي ڪيو ويندو“، (2) ”شري رامچندر، راجائي لباس بجاءِ بنواسي (سنياسي) ڪپڙا پائي 14 سالن لاءِ بنواس ۾ رهندو ۽ اُتي رشين ۽ منين وارو سادو کاڌو کائيندو.“
ڪيڪئيءَ پاران اهڙا ڪٺور وچن ٻُڌي، راجا دسرت بيهوش ٿي ڪِرِي پيو، پر شري رامچندر پنهنجي پيءُ جي وچن پوري ڪرڻ لاءِ بنواس وڃڻ جي تياري شروع ڪري ڏني. آخرڪار شري رامچندر، سندس ننڍو ۽ پيارو ڀاءُ لڪشمڻ ۽ سندس پتني سيتا رٿ تي چڙهي بنواس پهتا. اُتي هڪ ڏينهن سيتا جي اسرار تي ٻئي ڀائر هڪ هرڻ کي پڪڙي آڻڻ لاءِ تمام پري نڪري ويا، پويان لنڪا جي راڪشس راوڻ، وجهه ملندي ئي، دائري ۾ ويٺل سيتا کي جوڳيءَ جو روپ ڌاري بِکيا بهاني اغوا ڪيو ۽ سمنڊ پار ڪري، لنڪا جي ’اشوڪ واٽڪا‘ علائقي ۾ اچي رکيو. روايت موجب سيتا کي بنواس مان اغوا ڪرڻ دوران ’جٽايو‘ نالي پکيءَ مزاحمت ڪئي، جنهن کي راوڻ زخمي ڪري وڌو هو. اُن پکيءَ ذريعي رامچندر کي پنهنجي پتني سيتا جي اغوا جو اطلاع مليو ۽ اهو پکي زخمن جو تاب نه سهي مري ويو، جنهن جو ڪرياڪرم شري رامچندر پنهنجن هٿن سان ڪيو.
هوڏانهن سيتا کي واپس آڻڻ لاءِ شري رامچندر، هنومان (شري رامچندر جي شيواڌاري ۽ باندر فوج جي اڳواڻ) جي اڳواڻيءَ ۾ فوج تيار ڪئي ۽ شري رامچندر ۽ راوڻ وچ ۾ جنگ شروع ٿي.
جنگ دوران شري رامچندر جو ڳَرو ٻاڻ لڳڻ سبب راوڻ مارجي ويو. راوڻ جي جنگ ۾ مات ٿي ۽ شري رامچندر سوڀارو ٿيو. پوءِ شري رامچندر، سيتا کي وٺي واپس بنواس پهتو. شري رامچندر، سيتا ۽ لڪشمڻ، راڪشسن راوڻ جي مارجڻ کان ٺيڪ 20 ڏينهن بعد واپس ايوڌيا پُهتا. شري رامچندر جي بنواس ڪاٽي، ايوڌيا نگريءَ ۾ اچڻ تي عوام پاران وڏو جشن ملهايو ويو ۽ گهرن ۽ گهٽين ۾ ڏيئا ٻاريا ويا ۽ خوشيءَ وچان وڏا وڏا ٺڪاءَ ڪيا ويا. ان ڏينهن کي ياد رکندي، هر سال هندو ماڻهو هن تٿ تي ’ڏياري‘ ملهائيندا آهن.
هڪ ٻيءَ روايت موجب مايا، ڌن ۽ دولت پراپت ڪندڙ مشهور ديوي ’لڪشميءَ‘ جو جنم به هن ڏينهن تي ٿيو هو، اُن ڪري ڏياريءَ جي ڏينهن تي سنجها ويلي ’لڪشمي پوڄا‘ به ڪئي ويندي آهي. ان ويلي هندو پنهنجن گهرن جا دروازا کليل رکندا آهن. سندن عقيدو آهي ته لڪشمي ديوي وٽن ايندي ته ڌن وڌندو. ڏياريءَ کي شيطان، ڪوڙ ۽ دوکي کان نجات ۽ حق، سچ جي فتح جو ڏينهن سمجھيو ويندو آهي. هن ڏِڻ تي ڀارت، نيپال، سريلنڪا، گيانا، مليشيا ۽ سينگاپور ۾ عام موڪل هوندي آهي، جڏهن ته پاڪستان (خاص ڪري سنڌ) ۾ به اِن ڏينهن تي هندو ڌرم وارن لاءِ حڪومت عام موڪل ڪندي آهي.
دنيا جي مختلف ملڪن سان گڏ ڏياري آمريڪا ۾ به ڌام ڌوم سان ملهائي ويندي آهي. آمريڪا ۾ 2003ع ۾ پهريون ڀيرو وائيٽ هائوس ۾ ڏياري ملهائي وئي ۽ 2007ع ۾ آمريڪي ڪانگريس اِن تهوار کي سرڪاري تهوار جو درجو (Official Status) ڏنو، جڏهن ته 2009ع ۾ آمريڪي صدر بارڪ اوباما وائيٽ هائوس ۾ ڏياري تقريب جو افتتاح ڪيو.
ڏياريءَ کي هندو ڌرم کان سواءِ جين مت ۽ ٻُڌ مت ۾ به مذهبي اهميت حاصل آهي. جين مت وارا اِن ڏينهن کي پنهنجي آخري چوويهين (24) تيرٿنڪر، سوامي مهاوير جو جنم ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن، جيڪو 15 آڪٽوبر (تٿ اُماس) 527 ق. م تي ڄائو هو، جڏهن ته سِکَ، پنهنجي ڇهين گُرو، گُرو گوبند سنگهه جي گواليار قلعي واري واقعي ۾ مغلن جي قيد مان ڇوٽڪاري ماڻڻ تي، هن ڏينهن تي گولڊن ٽيمپل ۾ ڏيئا ٻاري ڏياري ملهائيندا آهن.
ٻوڌي ڀِڪشُو، هن ڏينهن کي اَشوڪا جي ٻُڌ مت اختيار ڪرڻ جي ڏينهن يعني ’اشوڪ وجئه دشمي‘ ڪري ملهائيندا آهن ۽ اِن ڏينهن تي مهاتما گوتم ٻُڌ جي پوڄا ڪندا آهن. ڏياريءَ کي شاهه لطيف سميت سنڌي ٻوليءَ جي وڏن ۽ ناميارن شاعرن، شيخ اياز، نارائڻ شيام، امداد حسيني، ادل سومري ۽ ٻين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳايو آهي:
”ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنباهيا.“
(شاهه/ سُر سامونڊي)


هن صفحي کي شيئر ڪريو